چانڊيو محمد باقر خان

چانڊيو، محمد باقر خان: ناليوارو حڪيم محمد باقر خان ولد محمد حيات چانديو 14 صفر 1207هه مطابق 1793ع ڌاري ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ۾ ڄائو. ابتدائي طور غيبي ديري جي مدرسي ۾ مولانا محمد يونس وٽ قرآن پاڪ جي تعليم سان گڏ فارسي ۽ عربي پڙهيو. سورهن سالن جي ڄمار ۾ چڱو علم حاصل ڪيائين. چانڊين جي قبيلي جي سردار نواب ولي محمد خان جنگي ٺوڙهي هن کي پنهنجو ڪاتب مقرر ڪيو. نواب ولي محمد لغاريءَ کي ٽالپرن چانڊڪا پرڳڻي جو گورنر مقرر ڪيو. جنهن جي نواب ولي محمد چانڊيي سان خانداني دوستي هئي ۽ اڪثر پاڻ ۾ خط و ڪتابت ڪندا هئا. نواب ولي محمد خان لغاري خطن جا نرالا مضمون ۽ اکر ڏسي نواب ولي محمد چانڊيي کان ڪاتب بابت پڇا ڪئي. جنهن کيس مهمد باقر جي ڄاڻ ڏني. گورنر نواب ولي محمد لغاري سردار ولي محمد چانڊيي کان محمد باقر جي گهر ڪئي. اهڙيءَ طرح محمد باقر نواب صاحب وٽ طب جو علم پڙهڻ ۽ دفتر جو ڪم سنڀالڻ لڳو. 1815ع ڌاري علم طب جو ڪورس مڪمل ڪيائين ۽ حڪيم خليفي محمد باقر جي نالي سان مشهور ٿيو. انهيءَ سال 1815ع ڌاري يوناني شاهي شفاخانو کوليائين ۽ پوءِ نواب علي محمد چانڊيي جو شاهي حڪيم مقرر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1207.02.14  هجري

ناليوارو حڪيم محمد باقر خان ولد محمد حيات چانديو 14 صفر 1207هه مطابق 1793ع ڌاري ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي امام بخش چانڊو
ڌڻيءَ پرتو سميجو
اشفاق پرويز ڪياني جنرل
پوراني ميرڪ سيد محمد
خانبهادر شيخ صادق علي انصاري
خدابخش قاضي مورائي
شاهه اسد
بوزدار رحيم بخش خان
جاجگا اٽيفيٽي
زوار نقوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون